اسلام آباد ??? 18 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چ??و آهي ته عمران خان فتنو، فساد، انتشار پکيڙڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جي لاءِ هر جڳهه جو دورو ڪري سگهي ٿو پر ٻوڏ سٽيلن ??ان ملڻ لاءِ نه ٿو وڃي سگهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو ڪراچي جو دورو برساتن جي ڪري ملتوي ٿيڻ جي حوالي ??ان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته مديني تي سياست، ڪوويڊ تي سياست، احتساب تي سياست، فتني فساد، انتشار پکيڙڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جي لاءِ عمران خان هر جڳهه جو دورو ڪري سگهي ٿو پر ٻوڏ سٽيلن ??ان ملڻ جي لاءِ نه ٿو وڃي سگهي، بشريٰ بي بي اسلامي ٽچ جي ڪري منع ڪ??و آهي.