اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيرا??ظم محمد شهباز شريف اڄ جمعي تي سنڌ صوبي ۾ سکر، روهڙي، خيرپور، فيض گنج، ڪوٽ ڏيجي ۽ ٺري ميرواهه جي ٻ??ڏ سٽيل علائقن جو فضائي دورو ڪندو. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سکر جي ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي جا نمائندا وزيرا??ظم کي ٻوڏ متاثرين جي امداد ۽ تباهه ٿ??ند?? انفرااسٽڪچر جي بحالي جي لاءِ جاري ڪمن تي بريفنگ ??يندا. وزيرا??ظم امدادي ڪمن جو جائزو وٺڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جو حال ڄاڻڻ لاءِ انهن سان ملاقات ڪندو. تنهن کان پوءِ سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽ چيف انجينيئر سکر بيراج تي وزيرا??ظم کي ٻوڏ جي تباهه ڪارين جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ??يندو.