اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قلعه عبدالله ضلعي، بلوچستان ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان م??جب وزيراعظم اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ بلوچستان حڪومت کي امدادي ڪاررواين کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ٻوڏ متاثر علائقن جي حوالي سان فوري طور تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ٻوڏ سبب ٻه بند ٽٽڻ ۽ نقص??ن جي مڪمل ڪاٿي کانپوءِ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو جلد قلعه عبدالله جي ٻوڏ سٽيل ??لائقن جو دورو پڻ ڪندو. هن هدايت ڪئي ته ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ترجيحي بنيادن تي محفوظ جاين تي پهچايو وڃي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثرين جي رهائش لاءِ خيما بستين ۽ کاڌي پي??ي جي شين جو فوري انتظام يقيني بڻايو وڃي.