ڪوئي??ا ?? 12 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير عب??ال??دوس بزنجو آزادي ڏهاڙي جون تقريبون س??ده پر پروقار انداز ۾ منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪندي چ??و آهي ته سڄي بلوچستان ۾ پاڪستان جي 75 هين سالگرهه قومي جوش ۽ جذبي سان سادي ۽ پروقار طريقي سان ملهائي ويندي، وڏي وزير چيو ته هن وقت صوبو شديد برساتن جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار آه??، لکين متاثرين کي حڪومت ۽ معاشري جي سرندي وارن جي خاص ڌيان جي ضرورت آه??، حڪومت متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آه??. مير عب??ال??دوس بزنجو چيو ته اسان هيليڪاپٽر حادثي ۾ ٿيندڙ شهادتن جي ڏک مان اڃا تائين ٻاهر ناهيون نڪري سگهيا، ٻوڏ متاثرين ۽ شهيدن جي پونئيرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ آزادي جي ڏهاڙي کي روايتي جوش ۽ جذبي پر سادگي سان ملهايو ويندو.