فيصل آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان فيصل آباد جي با??ارن، مارڪيٽن، روڊن، واپاري عمارتن، گهٽين، سرڪاري ۽ نيم سرڪاري عمارتن کي خوبصورتي سان سجائڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ فيصل آباد جي واپاري برادري ۽ نوجوان وڌي چڙهي حصو وٺ?? رهيا آهن. جڏهن ته ضلعي انتظاميا پاران چيو ويو آهي ته ان عظيم آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي واپاري برادري جي شاندار روايتون ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نه ٿيون ڪري سگهجن. ٻئي طرف واپاري نمائندن اي پي پي کي آزادي ڏهاڙي جي پروگرامن با??ت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته گهنٽا گهر چوڪ جي 8 با??ارن سميت ٻين با??ارن، مارڪيٽن، سبزي منڊين ۽ ٻين ڪاروباري مرڪزن کي قومي جهنڊن ۽ ٻين خوبصورت شين سان سينگاريو پيو وڃي. هنن ٻڌايو ته ايندڙ چئن ڏينهن دوران مختلف وقتن ۾ آزادي جا ڪيڪ ڪاٽڻ جون تقريبون به منعقد ڪيون وينديون. جڏهن ته سرڪاري س??ح تي ٿيندڙ تقريبن ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي.