اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي لاءِ ڪامن ويلٿ گيمز ۾ تم??ا حاصل ڪندڙ رانديگرن اسان جا ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيا ۽ عالمي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو سربلند ڪري ڇڏيو، وطن واپسي تي انهن سان ملاقات ڪري انهن جي حوصلا افزائي ڪنداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته نوح بٽ ۽ ارشد نديم سوني، شريف طاهر، زمان انور ۽ انعام بٽ چاندي، شاهه حسين، علي اسد ۽ عنايت الله ڪامن ويلٿ گيمز ۾ تانبي جا تم??نا کٽي مون سميت سمورن پ??ڪستانين جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو ۽ عالمي دنيا ۾ پاڪستان جي عزت ?? اضافو ڪيو آهي. توهان پوري قوم جو فخر آهيو. وزيراعظم چيو ته هو انهن سمورن ايٿليٽس سان وطن واپسي تي ملاقات ڪري انهن جي حوصلا افزائي ڪندو. ان کانسواءِ ڪامن ويلٿ گيمز ۾ شريڪ ٻيا پاڪستاني ايٿيلي??س پڻ فخر جوڳا آهن جيڪي محنت ۽ لڳاءُ سان پ??ڪستان جي نمائندگي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته فتح ۽ هار راند جو حصو آهي، حوصلو نه هاريو، محنت جاري رکو.