اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته نيوٽرل کي مداخلت ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ تي آرٽيڪل 6 لڳي ٿو، قومي اسيمبلي کان وٺي پنجاب اسيمبلي تائين عمرا?? خان آئين شڪني ڪرائي، آر ٽي ايس سسٽم ويهاري چئن سالن تائين هڪ نااهل مڙهيو ويو، عمرا?? خان 4 سال پنهنجي ناڪامي کي لڪائڻ جي لاءِ انتقامي سياست ڪئي، عمرا?? خان سمورن ادارن کي استعمال ڪري مخالفن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا، عدالتن ۾ عمرا?? خان جا ٺاهيل ڪيس ڪوڙا ثابت ٿيا، عدالتن پنهنجي فيصلن ۾ لکيو ته اهي سمورا ڪيس بي بنياد الزامن تي ٺهيا. عمرا?? خان جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي ردعمل ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پريس ڪانفرنس جو مقصد عمرا?? خان جي نااهلين ۽ ناڪامين کي سامهون آڻڻ آهي، صحيح فيصلن کي عوام تائين پهچائڻ منهنجي ذميواري آهي. هن چيو ته برطانوي نيشنل ڪرائم ايجنسي پڻ عمرا?? خان جي ڪيسن کي ڪوڙو قرار ڏنو، ايسيٽ ريڪوري يونٽ اصل ۾ عمرا?? خان جو ايسيٽ ميڪنگ يونٽ هو. هن چيو ت?? عمرا?? خان سپريم ڪورٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي ضمانت جي خلاف پنهنجي اپيل واپس ورتي، اپيل واپس وٺڻ جو مطلب آهي ته وزيراعظم جي خلاف ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو. وفاقي وزير مريم اورنگزيب سوال اٿاريو ت?? عمرا?? خان بطور وزيراعظم مبينا سائفر تي شفاف جاچ ڇو نه ڪرائي؟ عمرا?? خان ڇو 28 مارچ تائين انتظار ڪيو؟ هن چيو ته نيوٽرل کي مداخلت ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ تي آرٽيڪل 6 لڳي ٿو، قومي اسيمبلي کان وٺي پنجاب اسيمبلي تائين عمرا?? خان آئين شڪني ڪرائي. هن چيو ته ميڊيا لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي غلط تشريح تي ٻڌل رپورٽنگ ڪئي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز ک?? عهدي تان ناهي هٽايو ويو، پي ٽي آءِ وارا فيصلو پڙهڻ کانسواءِ ڌمال هڻن ٿا پوءِ يوٽرن وٺن ٿا. هن چيو ت?? عمرا?? خان جو مقصد گار ڏيڻ ۽ معاشري ۾ انتشار پکيڙڻ آهي، عمرا?? خان جو روزانو لڳندڙ تماشو بند ٿيڻ گهرجي، فرح گوگي کي استعمال ڪري ذاتي فائدا حاصل ڪيا ويا. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف 3 ڀيرا عوام جي ڏنل مينڊيٽ سان وزيراعظم بڻيو، عمرا?? خان کي ڪوڙ ڳالهائيندي شرم اچڻ گهرجي، عمرا?? خان جي نالائقي جي ڪري اڄ پاڪستاني عوام مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهجي رهي آهي.