اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي نوجوان ??اڪ??تاني جبل چاڙهوئن جي ڪاميابين کي ميڊيا جي ذريعي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جو مثبت تاثر قدم ڪرڻ لاءِ نوجوانن ??اڪ??تاني جبل چاڙهو جي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو وڃي، نوجوان جبل چاڙهو پنهنجو اميج بهتر بڻائڻ ۽ مشهور ڪمپنين جي اسپانسرشپ متوجهه ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو استعمال ڪن، ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ??اڪ??تاني جبل چاڙهو شهروزڪاشف، سرباز خان ۽ عبدالجوشي جي ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ بين الصوبائي ر??بطن واري سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرل ??اڪ??تان اسپورٽس بورڊ، الپائن ڪلب آف ??اڪ??تان (اي سي پي) جي صدر ۽ سيڪريٽري اي سي پي شرڪت ڪئي. صدر ??اڪ??تان جي جبل چاڙهوئن جي جبل چاڙهي جي انتهائي چئلينجنگ ۽ مهم جوئي جي ر??ند ۾ شاندار ڪاميابين جي واکاڻ ڪئي ۽ انهن جي ڪردار کي ساراهيو، هن بين الصوبائي ر??بطن واري وزارت ۽ ??اڪ??تان اسپورٽس بورڊ کي چيو ته هو نوجوانن جبل چاڙهوئن لاءِ هڪ ماهر، تجربه ڪار برانڊ مينيجر مقرر ڪيو وڃي، جبل چاڙهوئن کي قومي ۽ عالمي ڪمپنين جي اسپانسرشپ حاصل ڪرڻ ۾ مدد جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر عار?? علوي چيو ته نوجوانن ڪوه پئما پرائم منسٽر جي ڊجيٽل اسڪل پروگرام مان فائدو کڻن، بين الصوبائي ر??بطن واري وزارت ۽ ??اڪ??تان اسپورٽس بورڊ نوجوان جبل چاڙهوئن کي ضروري مدد فراهم ڪن.