اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ب??يٽ 23 – 2022ع کي پاڪستان جي معاشي ب??تري ۽ استحڪام طرف ٺوس قدم قرار ڏيندي چيو آ??ي ته انتهائي خراب معاشي حالتن ۾ ايتري ب??ترين ب??يٽ اتحادي حڪومت جي اخلاص ۽ قابليت جو مظهر آهي، اتحادي پارٽين جي قائدين، ڪابينا ميمبرن جي قيمتي جويزن ۽ راءِ جي لاءِ انهن جا ٿو??ا مڃان ٿو، ملڪ جي ڪاروباري برادري جا به ٿو??ا مڃان ٿو جن قيمتي تجويزون ڏئي اسان جي رهنمائي ڪئي. ڪابينا جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته وفاقي ب??يٽ 23 – 2022ع ملڪ کي سنگين معاشي بحرانن مان ڪڍڻ جو نسخو آ??ي، اسان پاڪستان کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ مشڪل فيصلا ڪيا آهن. هن چيو ته ب??يٽ ۾ سرندي وارن کان قرباني گهري وئي آهي ۽ ڪمزور طبقن کي آساني ڏني وئي آهي. هن چيو ته معاشري جي سرندي وارن طبقن کي مشڪل حالتن ۾ غريبن جي مشڪلاتن جو بار کڻڻ ۾ وڏي ڀاءُ جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته ب??يٽ ۾ زراعت، صنعت، واپار، آءِ ٽي، فلم ۽ ثقافت سميت هر شعبي جي ب??تري جي قدمن تي ڌيان ڏنو ويو آ??ي، پهريون ڀيرو زراعت کي ٽيڪس ڇوٽ ملي آهي جنهن سان زراعت ۽ آبادگار کي هڪ نئين معاشي زندگي ملندي، زرعي مشينري، اوزارن، ٻجن کان وٺي ان شعبي سان واڳيل شين ۽ اوزارن کي ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيڻ سان ملڪ ۾ گرين انقلاب ايندو، انهن تاريخي قدمن سان نه رڳو جنسن ۽ اسان جي فصلن جي پيداوار وڌندي پر انشاءَ الله ملڪ ۾ خوراڪ جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ پڻ مدد ملندي. هن چيو ته فلمي صنعت جي بحالي لاءِ ايترو وڏو ريليف ڪنهن حڪومت ناهي ڏنو. وزيراعظم چيو ته هي مالياتي نظم ۽ ضبط، ٽيڪس نظام جي اصلاح، جرئتمنداڻي هدفن ۽ پگهاردار جي آئينه دار ب??يٽ آهي، انڪم ٽيڪس کان ڇوٽ ذريعي پگهاردار ۽ گهٽ وسيلن وارن جي آمدني وڌندي، سستو پيٽرول ۽ سستو ڊيزل اسڪيم پورو سال جاري رهندي. هن چيو ته توانائي، تعليم، صحت، روزگار، ڪاروبار تي ڌيان ڏنو ويو آ??ي، شاگردن، نوجوانن ۽ عورتن جي لاءِ مراعتون ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته حڪومت بلوچستان جي شاگردن ۽ نوجوانن جي لاءِ خصوصي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين دوستي جي عظيم منصوبي سي پيڪ تي ڪم جي رفتار تيز ڪنداسين، سي پيڪ تحت اسپيشل اڪنامڪ زونز انشاءَ الله پاڪستان ۾ روزگار، ڪاروبار ۾ اضافي ۽ غربت جي خاتمي جا مرڪز بڻجندا. هن چيو ته هڪ سال ۾ ملڪ کي گذريل ??ئن سالن جي شديد بحرانن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ڪنهن معاشي معجزي کان گهٽ نه هوندو، اسان سياسي مفاد جو نه سوچيو پر پاڪستان ۽ 22 ڪروڙ عوام جي مفاد کي ڏٺو آ??ي. هن ب??يٽ تياري ۾ شريڪ سموري ٽيم خاص طور تي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ سندس سمورن ساٿين کي شاباس ڏني.