ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان جي محرومين کي ??تم ڪيو ويندو، عوام جي خدمت ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين، گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي کي ??نصاف ۽ قانون موجب حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خضدار ڪچلاڪ قومي ر??تي جي سيڪشن ون ۽ ٽو جو پيڙهه جو پٿر رکڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم خضدار ڪچلاڪ قومي ر??تي جي پيرهه جو پٿر رکيو، اهو 200 ارب رپين جو منصوبو آهي. هن هدايت ڪئي ته جيڪڏهن پري ڪواليفڪيشن کانسواءِ ڪانٽريڪٽرز جي چونڊ ڪئي ??ئي آهي ته پري ڪواليفڪيشن جو عمل ڪيو وڃي ڇو ته سمورو عمل شفاف طريقي سان اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سٺي شهرت رکندڙ ڪمپنيون اڳتي اچي منصوبي تي ڪم ڪن، انهن کي ??لاحيت جو به ڪو مسئلو نه هوندو، بلوچستان پاران تمام گهڻا گلا شڪوا ٿيندا آهن پر هاڻي گلا شڪوا ختم ڪرڻ ۽ محرومين کي ??وشين ۾ بدلائڻ جو وقت آهي. هن چيو ته خضدار ڪچلاڪ منصوبي ۾ شفافيت آندي ويندي ۽ منصوبي کي ??يزي سان مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي کي ??نصاف ۽ قانون موجب حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته بلوچستان جي عوام ڀلائي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان ۾ عوام جي خدمت ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. هن چيو ته ڪوڙ جو مقابلو سچائي سان ڪنداسين ۽ ماضي جي بدترين ٻُڙي ڪارڪردگي جو مقابلو بهترين ڪارڪردگي سان ڪيو ويندو، ڪوتاهي ۽ سستي کي ڏينهن رات محنت ۾ بدلائي ڇڏينداسين.