اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) و??ير??عظم شهباز شريف سان آمريڪي ڪانگريس ميمبر الهان عمر ملاقات ڪئي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان جي عزم ۽ همت ۽ سياسي جدوجهد کي ساراهيندي و??ير??عظم شهباز شريف پاڪستان جي پهرين دوري تي سندس شاندار آجيان ڪئي. و??ير??عظم اميد ظاهر ڪئي ته ان سان پاڪستان ۽ آمريڪي عوام جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا ۽ پاڪستاني پارليامينٽ ۽ آمريڪي ڪانگريس جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ کي سگهه ملندي. و??ير??عظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ گڏيل احترام، اعتماد ۽ برابري تي ٻڌل ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبو?? ڪرڻ چاهي ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ تعميري رابطن سان خطي ۾ امن، سلامتي ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. ان ڳالهه جو ذڪر ڪندي ته آمريڪا پ??ڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري پارٽنر آهي، و??ير??عظم ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. و??ير??عظم پاڪستان آمريڪا لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي ڪوششن کي ساراهيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان قومي ترقي ۽ واڌويجهه ۾ ان جي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. و??ير??عظم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال کي اجاگر ڪيو ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل جي اهميت تي زور ڏنو جنهن سان خطو پنهنجي اقتصادي صلاحيت کي ڀرپور طريقي سان استعمال ۾ آڻي سگهي ۽ سماجي ترقي کي فروغ ڏئي سگهي. و??ير??عظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم ڏکڻ ايشيا ئي پنهنجي ترقي تي ڀرپور ڌيان ڏئي سگهي ٿو. و??ير??عظم وڌيڪ چيو ته اسلامو فوبيا جهڙي برائي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ڪانگريس ميمبر الهان عمر و??ير??عظم جا ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان جي دوري سان پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ڪانگريس جي عورت ميمبر الهان عمر 20 کان 24 اپريل 2022ع تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي. اسلام آباد ۾ قيادت سان ملاقاتن کانسواءِ هو لاهور ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪندي ته جيئن پاڪستان جي ثقافتي، سماجي، سياسي ۽ اقتصادي صلاحيت کي وڌ کان وڌ سمجهي سگهي.