اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هداي?? ڪئي آهي ته عام ماڻهو جي مع??شي حالت بهتر بڻائڻ ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ??لڪ?? معيشت جي موجوده صورتحال تي اعليٰ سطح جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت پاڪستان مع??شي لحاظ کان مس??حڪم بڻائڻ جي لاءِ هنگامي قدم کڻڻ وڃي رهي آهي. وزيراعظم مع??شي ٽيم کي هنگامي بنيادن تي معيشت جي بهتري لاءِ سڌارن جي ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هداي?? ڪئي. هن هر صورت ۾ عام ماڻهو جي مع??شي حالت بهتر ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي پڻ هداي?? ڪئي. وزيراعظم ??لڪ?? مجموعي مع??شي صورتحال جي بهتري سان گڏوگڏ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پڻ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ناڻي واري وزارت پاران ??لڪ?? معيشت جي موجوده صورتحال بابت تفصيلي طور تي آگ??هه ڪيو ويو. وزيراعظم پريشان ڪندڙ مع??شي انگن اکرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، مفتاح اسماعيل، مريم اورنگزيب، زبير عمر، عائشه غوث پاشا، طارق محمود پاشا، بلال ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪ?? ڪئي.