اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام (يو ??ين اي پي) پاران ماحولياتي نظام جي بحالي ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار جي اعتراف تي 10 بلين ٽري سونامي پروگرام جي ڪاميابي لاءِ پنهنجي ٽيم جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم يو ??ين اي پي جي ڄاڻايل رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ??ه کيس پنهنجي ٽيم تي فخر آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو ??هي ته اسان تاريخ جي ان موڙ تي آهيون جتي اسان کي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ پاڪستان ان اهم ڪوشش جي قيادت ڪري رهيو ??هي. وزيراعظم اسٽاڪ هوم پلس 50 جي ويب سائيٽ تي شايع ڪندڙ هڪ مضمون به شيئر ڪيو ??نهن ۾ ماحوليات جي بهتري لاءِ پاڪستان جي تعاون جو ذڪر ڪيو ويو. ايو ??ين اي پي جي ايشيا ۽ پيسفڪ جي علائقائي ڊائريڪٽر Dechen Tsering چيو ??ه قدرتي ماحول جي وڏي پئماني تي بحالي جي قدمن سميت 10 بلين ٽري سونامي پروجيڪٽ گڏيل قومن ??ي ڏهاڪي کي سپورٽ ڪرڻ ۽ ماحولياتي نظام جي بحالي کي فروغ ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. پاڪستان لاءِ يو ??ين اي پي جي جامع رپورٽ ”ملڪ جي قدرتي، انساني ۽ پيدا ڪيل سرمائي بابت پنهنجي نوعيت جي پهرئين جائزي“ ۾ چيو ويو ??هي ته پاڪستان جي حڪومت جا قدرتي ماحول جي بحالي جهڙا قدم نمايان آهن، مضمون ۾ ان ڳالهه تي روشني وڌي وئي ته گڏيل قومن جي ماحولياتي نظام جي بحالي ??ي ڏهاڪي 2021- 2030ع ۾ تقريبن هڪ سال گذرڻ کانپوءِ پاڪستان پنهنجي 10 بلين ٽري سونامي پروجيڪٽ کي اڳتي وڌائي اهو ڏيکاري رهيو ??هي ته ان ڏس ۾ ڇا ممڪن آهي. ان پروجيڪٽ تحت 2019ع کان ڊسمبر 2021ع جي وچ ۾ تقريبن 10،000 هنڌن تي 1.36 ملين ايڪڙ زمين تي 1.42 ملين وڻ پوکيا ويا آهن، پاڪستان جنهن 2021ع ۾ ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني ڪئي خاص طور تي موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن جو شڪار آهي،اهو پراجيڪٽ شروع ٿيڻ کان پهرين ۽ خوراڪ ۽ زراعت واري اداري (FAO) جي تحقيق مان مع??وم ٿيو ??ه ملڪ جو صرف پنج سيڪڙو حصو ٻيلن تي مشتمل آهي، پاڪستان جي حڪومت 2023ع تائين پنهنجي محفوظ علائقن کي 15 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو عزم ڪيو ??هي جيڪو 2018ع ۾ 12 سيڪڙو هئو، 2021ع جي وچ ڌاري اهو 13.9 سيڪڙو ٿي ويا، 10 بلين ٽري سونامي نه رڳو بگڙجندڙ ماحولياتي نظام جي بحالي ۽ قدتي سرمائي کي بهتر بنائڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهيو ??هي پر اهو مقامي آبادين جي ڪمائي جي ذريعي کي به سهارو ڏئي رهيو ??هي.