اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ??هي ته 7 مارچ تي ڌمڪي آميز خط ملي ٿو، اڳئين ڏينهن ٻاهرئين طاقتن جون ڪٺ پتليون وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏين ٿيون. فرخ حبيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته جن جي ڦريل دولت ٻاهر پيل ??هي اهي ذاتي مفاد جي تحفظ جي لاءِ قومي مفاد کي داءُ تي لڳائي ڇڏين ٿا، ڊرون حملن جي اجازت ان جو مثال هو. آصف علي زرداري ٻڌائي ميمو گيٽ ۽ نواز شريف ڊان ليڪس ۾ ڇا ڪرايو هو اهي کليل حقيقتون آهن. پاڪستان جي آزاد پرڏيهي پاليسي، قومي سل??مت?? ۽ قومي غيرت جي لاءِ ڪپتان ڄمي بيٺل آهي.