اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان ۽ ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي لاءِ سندس حڪومت ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، ريڪوڊڪ معاهدي سان بلوچستان ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري شروع ٿيندي جنهن سان بلوچستان ۾ عام شهرين جي زندگي جو معيار بدلجي ويندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم عمران خان چاغي ۾ تانبي ۽ سون جي کاڻين جي ترقي بابت ٽي??يان ڪاپر ڪمپني (ٽي سي سي) سان ڊگهي عرصي کان جاري ريڪوڊڪ تڪرار کي ڪاميابي سان حل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان حڪومت، بلوچستان حڪومت ۽ ڪئناڊا جي بيرڪ گولڊ ڪارپوريشن جي وچ ۾ ٿيندڙ معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. نئين معاهدي تي آچر ڏينهن وفاقي ۽ بلوچستان حڪومت جي نمائندن ۽ بيرڪ گولڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر مارڪ برسٽو جي قيادت ۾ وفد صحيحون ڪيون. نئين معاهدي جي شرطن موجب بيرڪ گولڊ ڪمپني ريڪوڊڪ منصوبو پاڪستاني ادارن سان حصيداري ۾ بحال ۽ تيار ڪندي. منصوبي ۾ بيرڪ گولڊ ڪمپني جو 50 سيڪڙو حصو هوندو. باقي 50 سيڪڙو حصيداري پاڪستان جي ملڪيت هوندي جيڪا وفاقي ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومت جي وچ ۾ برابر طور ورڇ ٿيندي. معاهدي تحت وفاقي حڪومت جي 25 سيڪڙو حصيداري کي وفاقي حڪومت جي ٽن سرڪاري ڪاروباري ادارن (ايس او ايز) آئل اينڊ گئس ڊيولپ??ين?? ڪارپوريشن لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل)، پاڪستان ??يٽروليم لميٽيڊ (پي پي ايل) ۽ گورن??ين?? هولڊنگز پاڪستان ??ميٽيڊ (جي ايڇ پي ايل) ۾ برابر ورهايو ويندو. بلوچستان جو حصو هڪ ڪمپني وٽ هوندو جنهن جي م??مل ملڪيت ۽ ڪنٽرول بلوچستان حڪومت وٽ هوندو. بلوچستان جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب منصوبي ۾ بلوچستان حڪومت جي حصي جو سرمايو ۽ آپريٽنگ خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي يعني ٻين لفظن ۾ بلوچستان حڪومت کاڻين جي ترقي تي ڪو مصارف ادا نه ڪندي ۽ ان حوالي سان خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي. منصوبي کي اڳتي وڌائڻ جي ڏس ۾ بلوچستان ۾ اٽڪل 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي ويندي، جنهن ۾ رستن، اسڪولن، اسپتالن ۽ کاڻيون کوٽڻ جي لاءِ ٽيڪنيڪل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ جي جوڙجڪ جهڙن سماجي ترقي جي منصوبن جي لاءِ 1 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري به شامل آهي. معاهدي جي نتيجي ۾ سيڙپڪاري سان 800 کان ??ڌيڪ نيون نوڪريون پيدا ٿينديون ۽ ان سان بلوچستان ??اڪستان ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري مان ??ڌيڪ فائدو کڻندڙ صوبو بڻجي ويندو، ريڪوڊڪ منصوبو دنيا ۾ تانبي ۽ سون جي کاڻيون کوٽڻ جي سڀ کان ??ڏن منصوبن مان ??ڪ هوندو. ملڪ جي معدني دولت جي وڌ کان ??ڌ استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت سميلٽر (خام ڌات کي پگهرڻ وارو ڪارخانو) قائم ڪرڻ تي پڻ غور ڪري رهي آهي. هي معاهدو گذريل ٽن سالن دوران ڳالهه ٻولهه جي ڪيترن ئي دورن کانپوءِ طئي ٿيو آهي. آگسٽ 2019ع ۾ وزيراعظم عمران خان ??عدنيات جي کاڻين جي جلد ترقي جي مقصد تحت ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ان ڪوشش ۾ عالمي صلاحڪارن جي مدد حاصل هئي. حڪومت ان ??عاملي کي پارليا??ين?? ۽ سپريم ڪورٽ آڏو پڻ پيش ڪندي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڇي ته معاهدو سمورن قانونن موجب طئي ٿيو آهي. وزيراعظم عمران خان ان ??وقعي تي ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان ۽ ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي لاءِ سندس حڪومت ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان سيڙپڪاري سان بلوچستان ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري شروع ٿيندي جنهن سان بلوچستان ۾ عام شهرين جو معيار زندگي بدلجي ويندو. وزيراعظم بلوچستان جي عوام جي لاءِ شفاف ۽ سازگار معاهدو ڪرڻ تي ڳالهين واري ٽي?? جي ڪوششن کي ساراهيو. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان سان بيرڪ گولڊ ڪارپوريشن جي وفد ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ ڪئناڊا جو هاءِ ڪمشنر وينڊي گلمور پڻ ان ??وقعي تي موجود هو.