فصيل آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب جي نوشڪي بلوچستان ۾ دهشت??رد?? جي خلاف وڙهندي ملڪ تي قربان ٿيندڙ دلير سپوت ڪيپٽن ڊاڪٽر محمد بلال خليل شهيد جي رهائشگاهه تي پهچي شهيد جي والد ۽ ٻين عزيزن سان تعزيت ڪئي. فرخ حبيب چيو ته دهشت??رد?? سان جنگ ڪندي شهيد ٿيندڙ قوم جي سپوتن تي پوري ق??م کي فخر آهي. هن چيو ته شهيد قوم جي مٿي جا موڙ آهن، اسان کي پنهنجي جوانن جي قربانين تي فخر آهي. مملڪتي وزير چيو ته هٿياربند فوج ملڪ جي تحفظ ۽ دفاع لاءِ بي مثال قرابنيون ڏنيون آهن. فرخ حبيب الله تعاليٰ کان شهيد جي بلند درجن ۽ وارثن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي هم?? عطا ڪرڻ جي دعا ڪئي.