اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي فيز 2 ۽ پارٽي تنظيم سازي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقع?? تي وزيراعظم عمران خان ??ي صوبي ۾ جاري مختلف ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائ?? تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي ايندڙ مرحلي ۾ ڪاميابي جي لاءِ پارتي صفن ۾ ات??اد ۽ نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ممڪن قدم کنيا وڃن. هن صوبي ۾ سمورن جاري ترقياتي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي ته جيئن صوبي ۾ رهندڙ ماڻهن کي جلد کان جلد رليف ۽ سهولت فراهم ڪري سگهجي.