اسلام آباد ??? 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته رحمت اللعالمين اٿارٽي ترجيحي بنيادن تي سيرت طيبه جي عملي زندگي تي لاڳو ڪرڻ ۾ مدد ڪندي، اٿارٽي جو مقصد نوجوانن کي سيرت جي حوالي سان آگاهي ڏيڻ آهي ته جي??ن هو ان تي عمل ڪري سگهن. اٿارٽي سيرت طيبه جي حوالي سان معاشري ۾ موجود خال جي نشاندهي ڪري تحقيق سان عملي زندگي جي مسئلن جو حل ڳولڻ ۾ مدد ڪندي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ نيشنل رحمت اللعالمين اٿارٽي جي عالمي ايڊوائيزري بورڊ جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس کي اٿارٽي جي ڊگهي مدي ۽ وچولي مدي و??ري لائحه عمل جي باري ۾ جامع بريفنگ ڏني و??ي، ان کانسواءِ قدمن تي هن وقت تائين جي اڳڀرائي، سيرت طيبه جي رخن کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ تي به بريفنگ ڏني و??ي. اجلاس کي اٿارٽي جي پهرين عالمي تقريب جي حوالي سان تجويزون به ڏنيون ويون. وزيراعظم قدمن تي عملدرآمد کي تيز ڪري ان کي مقر?? مدي ۾ لاڳو ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. اجلاس ۾ قومي رحمت اللعالمين اٿارٽي جي چيئرمين پروفيسر اع??از اڪرم، ڊاڪٽر انيس احمد، ڊاڪٽر خالد مسعود ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي، ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، ڊاڪٽر جوزف لمبارڊ، ڊاڪٽر عثمان بڪر، بئريسٽر ندرت ماجد ۽ ڊاڪٽر باسط ڪوشل وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي.