اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان موسمي??تي تبديلي جي مسئلي جو حصو نه آهي پر ان جي حل جو حصو بڻجڻ چاهي ٿو، آلودگي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڊگهي مدي واري پائيدار شهري صفائي جي منصوبي جي ضرورت آهي، ايندڙ نسل کي صاف سٿرو مستقبل فراهم ڪرڻ جي ذميواري موجوده نسل تي آهي، اسان کي پنهنجي جبلن کان وٺي سمنڊ تائين سنڌو درياءَ جي طاس جي حفاظت ڪرڻ گهرجي، حياتي??تي تنوع جو نقصان ٻيلن جي واڍيءَ ۽ ٻيلن جي زمين تي قبضن جي ڪري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي موسمي??تي تبديلي بابت ڪميٽي جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته فضائي آلودگي جا مسئلا نومبر کان شروع ٿيا جيڪو خشڪ ترين مهينو هو جنهن پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن کي متاثر ڪيو. وڌيڪ اهو ته سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزين پاڪستان ۾ سنڌو درياءَ جي طاس جي حياتي??تي تنوع کي بري طرح متاثر ڪيو آهي. وزيراعظم شهري علائقن جي لاءِ فوري ڊگهي مدي واري منصوبابندي تي زور ڏنو جتي ماحولي??تي مسئلا بشمول گرين ڪور جو نقصان، سيوريج ٽريٽمينٽ، سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ ۽ فضائي آلودگي جي فوري حل جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي ايندڙ نسلن کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ موسمي??تي تبديلين سان موافقت جي قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومتن ڪلين اينڊ گرين پاڪستان جا قدم اسان جي نوجوانن کي ذهن ۾ رکندي شروع ڪيو هو ۽ اهو ته صاف سٿرو مستقبل فراهم ڪرڻ جي ذميواري موجوده نسل جي ڪلهن تي آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ماحولي??تي آلودگي جي عالمي ذريعن ۾ پاڪستان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر موسمي??تي تبديلي جا اثر پاڪستان تي تمام وڌيڪ آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان مسئلي جو حصو نه آهي پر اسان ان جي حل جو حصو بڻجڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم موسمي??تي لحاظ کان مواقق مستقبل جي لاءِ سنڌ طاس جي ماحولي??تي بحالي جي تصور??تي منصوبي جي اصولي منظوري ڏني. تصور??تي منصوبي ۾ تحفظ ۽ آلودگي تي ضابطو آڻڻ جا قدم شامل آهن جيڪي سنڌو درياءَ جي طاس جي اوپري ڌاري، سنڌ جي ميداني ۽ هيٺئين طرف وهڪري ۾ کنيا ويندا. منظوري ۽ عملدرآمد جي لاءِ هڪ تفصيلي منصوبو 4 مهينن جي اندر مڪمل ڪيو ويندو ۽ موجوده قدمن کي ٺوس بڻائڻ ۽ خال کي ڀرڻ جي لاءِ نوان قدم تيار ڪرڻ جي لاءِ ويزن ۽ ايڪشن بيسڊ فريم ورڪ فراهم ڪندو. اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ پاران نيچر پاليسي بيسڊ بجٽري سپورٽ جي تصور جي تجويز جي پڻ منظوري ڏني وئي جيڪا ملڪ ۾ ت??قي??تي منصوبن جي لاءِ جديد گرين فنانسنگ کي تيز ڪندي. ان کان اڳ وزيراعظم جي موسمي??تي تبديلي واري خاص معاون ملڪ امين اسلم تازو ئي گلاسڪو ۾ منعقد ڪانفرنس آف پارٽيز (سي او پي) 26 ۾ پاڪستان جي شرڪت بابت اجلاس کي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عالمي برادري پاڪستان جي 10 بلين ٽري سونامي پروگرام ۽ ماحولي??تي تحفظ جي ٻين سمورن پروگرامن کي ساراهيو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته رڳو 8 نمائندن تي ٻڌل پاڪستاني وفد 25 ضمني تقريبن ۾ شرڪت ڪئي، 50 کان وڌيڪ ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون ۽ سي او پي 26 دوران ترقي يافته ملڪن سان ڪيترين ئي مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون. اجلاس ۾ سنڌو درياءَ جي طاس تي موسمي??تي تبديلي جي منفي اثرن بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. ٻڌايو ويو ته سنڌو درياءَ جي طاس تي پوندڙ منفي اثرن ۾ فصلن جي پيداوار ۾ گهٽتائي، پاڻي جي کوٽ گرم ۽ خشڪ موسم، سخت ٻوڏ ۽ ملڪ ۾ حياتي??تي تنوع جو نقصان شامل آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن عمر ايوب خان، محمد حماد اظهر، فواد احمد، سيد فخر امام، چوڌري مونس الاهي، خاص معاون ملڪ امين اسلم، ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، گلگلت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد، مملڪتي وزير زرتاج گل، سينيٽر فيصل جاويد، موسمي??تي تبديلي سنڌ واري وزير محمد اسماعيل راهو، گڏيل قومن ۽ ورلڊ بئنڪ جي سينيئر نمائندن ۽ سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.