اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي آئيسڪو کي 2 لک 84 هزار جي بنا جواز بل واپس وٺڻ جو حڪم برقرار رکندي هدايت ڪئي آهي ته جعلي ڪيش ٽرانزيڪشن ۾ ملوث بئنڪ ۽ آئيسڪو جي اسٽاف کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر دير سان اپيل جمع ڪرائڻ تي آئيسڪو جي درخواست رد ڪري ڇڏي، آئيسڪو 6 بجلي صارفين کي 3 سال پراڻا بل ٻيهر جمع ڪرائڻ جو چيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئيسڪو کي هدايت ڪئي ته اها بنا جواز بل واپس وٺي ۽ جعلي ڪيش ٽرانزيڪشن ۾ ملوث ع??لدارن جي خلا?? ڪارروائي ڪري. صارفين ٻيهر بل مو??لڻ جي آئيسڪو جي بدانتظامي جي خلاف وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو هو جنهن تي وفاقي محتسب بل واپس وٺڻ ۽ عملدارن جي خلا?? ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو، آئيسڪو وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي هئي. ڪيس جي تفصيل موجب شڪايت ??ند??ن سيد امير حسين شاهه، وقار حسين، ڪوثر زمان ڪياني، محمد صفدر هيات، سهيل احمد ۽ محمد اصغر خان موقف اختيار ڪيو ته آئيسڪو ان حقيقت جي باوجود انهن کي هن سال جنوري ۽ فيبروري ۾ بنا جواز بل مو??ليا جڏهن ته هو اهي بل ٽي سال اڳ ئي ادا ڪري چڪا آهن. شڪايت ??ند??ن ان پريشان ??ند?? صورتحال جي ازالي جي لاءِ وفاقي محتسب سان رجوع ڪيو. تفصيل موجب بجلي صارفين بل 3 سال اڳ جمع ڪرائي چڪا هئا، صارفين وٽ بل جمع ڪرائڻ جي بئنڪ جون سيدون پڻ موجود هيون، بئنڪ صارفين يو بي ايل اومني جي ذريعي بل جمع ڪرايا، ڊيٽا ۾ رق?? ادا ڪرڻ جا ثبوت موجود هئا، بئنڪ صارفين جي جمع ڪيل رقم اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني کي نه مو??لي. وفاقي محتسب پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو هو ته بئنڪ پاران غلي جو ذميوار صارفين کي نه قرار ڏئي سگهجي ٿو ۽ رقم آئيسڪو کي مو??لڻ بئنڪ ۽ اداري جي وچ جو معاملو آهي. صدر وفاقي محتسب جو فيصلو برقرا رکندي چيو ته آئيسڪو ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته ان جو اسٽاف ۽ بئنڪ اسٽاف جعلسازي ۾ ملوث هو، جعلسازي ثابت ٿيڻ تي ملوث بئنڪ ۽ آئيسڪو جي اسٽاف کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.