??سل??م آباد/نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چي?? ته افعانستان ۾ انساني ۽ معاشي بحران، عالمي برادري جي ??وري ڌيان جا گهرجائو آهن، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي ??وقعي تي پرڏيهي وزير ريڊ ڪراس بابت عالمي ڪميٽي جي صدر پيٽر مورڪي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي افغانستان ۾ انساني بحران ۽ عالمي سط?? تي مدد جي ??راهمي جي حوالي سان مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، هن چي?? ته پاڪستان سالن کان افغانستان ۾ جاري ريڊ ڪراس عالمي ڪميٽي جي خدمتن جو اعتراف ڪري ٿو، افغانستان ۾ وڌندڙ انساني ۽ معاشي بحران عالمي برادري جي ??وري ڌيان جو گهرجائو آهي، شاهه محمود قريشي چي?? ته افغانستان جي ??الي ۽ انساني امداد نه رڳو انهن کي بحران مان ڪڍڻ ۾ مدد فراهم ڪندي پر افغانين ۾ اعتماد سازي لاءِ بهترين قدم ٿي سگهي ٿو، افغانستان ۾ وڌندڙ بک، غربت ۽ ناڻي واڌ جي ??يش نظر افغانستان جا منجمند اثاثا کولڻ انهن جي ??قت سر امداد جي برابر ٿيندا، هن چي?? ته پاڪستان افغانستان ۾ انساني بنيادن تي امدادي سامان جي ??هچ هوائي ۽ زميني رستن جي ذريعي جاري رکي آهي، پرڏيهي وزير ريڊڪراس عالمي ڪميٽي جي صدر کي افغانستان ۾ انساني بنيادن تي مدد جي ??راهمي لاءِ پاڪستان پاران هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.