اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي بنيادي حقن جو خيال رکڻ معاشري جي هر شخص جي ذميواري آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان سوئيٽ هوم جي خصوصي ٻارن جي تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي چئ??. ا??پيڪر خصوصي تقريب ۾ گهرائڻ تي ??نتظاميا جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان سوئيٽ هومز کي مڪمل تعاون فراهم ڪيو ويندو. هن چيو ته هو شوڪت خانم جو چندو گڏ ڪرڻ جي مهم ۾ عمران خان سان گڏ رهيو آهي، بحيثيت سماجي ڪارڪن عمران خان جي قافلي ۾ شامل ٿيس، قومي اسيمبلي ??ان وڏو ڪو فورم نه آهي ۽ خصوصي ماڻهن بابت هڪ خصوصي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آه??. ا??پيڪر معاشري جي معاشي طور تي ڪمزور طبقن جي لاءِ قدمن ??ي ساراهيو ۽ چيو ته وزيراعظم جو احساس پروگرام ساراهه جوڳو آهي، پناهگاهه جي پروگرام سان ڪير بکيو نه سمهندو. اسپيڪر چيو ته هو هڪ عام ماڻهو آهي ۽ الله کيس تمام گهڻي عزت ڏني، سياستدان جيڪڏهن پنهنجي ماڻهن جي لاءِ سياست ڪن ته اسان جي قوم ترقي ڪند??. ا??پيڪر چيو ته اسان جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ خيرات ۽ عطيو ڏيندڙ ماڻهو آهن ۽ اعتماد بحال ٿيڻ تي ??سان جا ماڻهو تيڪس به ڏيندا. هن چيو ته اسٽريٽ چلڊرن جي لاءِ وزيراعظم عمران خان سان سندس ڳالهه ٿي آه??. ا??ٽريٽ چلڊرن کي بهتر تعليم ۽ تربيت ڏني ويند??. ا??پيڪر چيو ته خصوصي ماڻهن جي بنيادي حقن جو خيال رکڻ معاشري جي هر شخص جي ذميواري آهي. خصوصي ماڻهن کي معاشري ۾ باعزت مقام ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهيان.