لاهور – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان چيو آهي ته پاڪستان جي 64 سالا تاريخ ۾ رڳو 64 ڪروڙ وڻ لڳايا ويا جڏهن ته تحريڪ انصاف جي حڪومت 2013ع کان 2018ع تائين خيبرپختونخواهه صوبي ۾ هڪ ارب وڻ لڳايا، لاهور جو مياواڪي ٻيلو دنيا جو سڀ کان وڏو ٻيلو هوندو، سڄي دنيا وانگر پاڪستان کي به ماحولياتي آلودگي درپيش آهي، ايندڙ نسلن کي صاف سٿرو ماحول ڏيڻ جي لاءِ ا??ان کي وڻ لڳائڻا پوندا. هو ڪلين اينڊ ??ري?? پاڪستان ويزن تحت سگيان لاهور ۾ مياواڪي ٻيلي جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، وزيراعظم جو موسمياتي تبديلي وارو صلاحڪار ملڪ امين اسلم، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جو خاص معاون شهباز گل، ٻيلن وارو صوبائي وزير سبطين خان، پي ايڇ اي ۽ ماحوليات کاتي جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم ع??را?? خان چيو ته مياواڪي ٻيلن ??ان ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي ٿيندي، ڪلين اينڊ ??ري?? پاڪستان ا??ان جي منزل آهي. هن چيو ته ڪلين اينڊ ??ري?? پاڪستان مهم هڪ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، گلوبل وارمنگ جي ڪري زمين جو گرمي پد وڌي ويو آهي. هن چيو ته مياواڪي ٻيلا لڳائڻ تي انتظاميا ۽ خاص طور تي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي 64 سالا تاريخ ۾ 64 ڪروڙ وڻ لڳايا ويا جڏهن ته 2013ع کان 2018ع تائين رڳو خيبرپختونخواهه صوبي ۾ هڪ ارب وڻ لڳايا جنهن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي منصوبي تي تيزي ??ان ڪم جاري آهي. هن چيو ته لاهور ڪڏهن باغن جو شهر هوندو هو، ا??ان ايندڙ نسلن جي لاءِ بهتر ملڪ ڇڏي وينداسين. وزيراعظم نوجوانن ۽ شاگردن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي حصي جو هڪ هڪ ٻوٽو لڳائين ۽ ان جي سارسنڀال به ڪن ته جيئن ا??ان ايندڙ نسلن کي بهتر ۽ صاف ماحول ڏئي سگهون. ان موقعي تي وزيراعظم کي مياواڪي اربن فاريسٽ تي بريفنگ ڏني وئي. برينگ ۾ ٻڌايو ويو ته لاهور ۾ اهڙا 53 فاريسٽ قائم ڪيا پيا وڃن جيڪي لاهور جي فضا ۾ ڪاربن جي مقدار کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا، 100 ڪينال تي ٻڌل جديد ٽيڪنالاجي ??ان لڳائي ويندڙ ان ٻيلي ۾ مجموعي طور تي 165000 ٻوٽا لڳايا پيا وڃن جيڪي عام ٻيلن جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻ تي وڌيڪ تيزي ??ان وڌن ٿا. بعد ۾ وزيراعظم ع??را?? خان ٻوٽو لڳائي مياواڪي اربن فاريسٽ جو افتتاح ڪيو.