اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته فرانس جي حڪومت ۽ قيادت انتشار ۽ تعصب کي جنم ڏيندڙ قدمن بدران عوام کي متحد رکڻ وارا قدم کڻي ڇو ته ائين نه ڪرڻ سان ج??ڪو نقصان ٿيندو اهو سالن تي ٻڌل هوندو، فرانس حڪومت ۽ قيادت مسلمانن کي گهيري ۾ آڻڻ واري طرز عمل ۽ قانونن کان پاسو ڪري، اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ مقدس شخصيتن ج?? توهين ج?? خاتمي لاءِ ٺوس عالمي قدمن ۽ حڪمت عملي جي ضرورت آهي، ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ سمورن اقليتن سميت اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. ايوان صدر ۾ مذهبي ۽ اقليتي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت ۽ امپلي مينٽيشن مينارٽيز فورم جي اهتمام هيٺ مذهبي آزادين ۽ اقليتن ج?? حقن ج?? حوالي سان عالمي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي صدر بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ بابت اسلامي تاريخ جا ڪيترائي حوالا ڏنا ۽ چيو ته پيغمبر اسلام صه ۽ خلفاءِ راشدين جا دور بين المذاهب هم آهنگي جي حوالي سان مثالي دورن ج?? حيثيت رکن ٿا. اسلا?? ۾ ??قليتن ج?? حقن ج?? مڪمل احاطو ڪيو ويو آهي. صدر ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند ۾ رهندڙ اقليتي مسلمانن ج?? تاريخي جدوجهد تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته پاڪستان قائم ڪرڻ کانپوءِ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جا اقليتن بابت فرمان اسان ج?? لاءِ مشعل راهه آهن. پاڪستان ج?? آئين ملڪ ۾ رهندڙ سمورن اقليتن ج?? حقن ج?? ضامن آهي. هن چيو ته آئين ج?? آرٽيڪل 20، 21، 25 ۽ آرٽيڪل 27 اقليتن ج?? حقن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪن ٿا. هن وقت قومي اسيمبلي ۾ اقليتي ميمبرن ج?? انگ 10 ۽ سينيٽ ۾ 4 آهي، پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتن کي آئيني طور تي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي. اقليتن ج?? حقن ج?? تحفظ ۽ بين المذاهب ۽ بين الثقافتي هم آهنگي جي لاءِ اسان پنهنجي جدوجهد ۽ ڪوششون جاري رکنداسين. وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان ج?? حڪومت ان حوالي سان پرعزم آهي. مينارٽيز ڪميشن ۽ ڪيترين ئي ڪميٽين ج?? سطح تي ڪم ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اقليتن ج?? حقن ج?? تحفظ ۽ بين المذاهب ۽ بين الثقافتي هم آهنگي جي لاءِ ڪوششن کي هيٺئين سطح تائين وسعت ڏني وڃي. پاڪستان ان حوالي سان هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي. صدر ڀارت ۾ انتهاپسنداڻي هندو قوم پرست نظرين ج?? اثر هيٺ ڪيل فيصلن ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته هندستان ۾ اڪثريت جي حق ۾ ۽ اقليتن ج?? خلاف قانون تبديل ڪيا پيا وڃن ج??هن سان صورتحال خراب ٿي رهي آهي، اهو هڪ خطرناڪ رجحان آهي ۽ ان سان اقليتن ج?? قتلام طرف رجحان قائم ٿي سگهي ٿو. ڀارت جي پارليامينٽ ۾ مسلمانن ج?? رڳو ٻه سيڪڙو نمائندگي آهي. صدر چيو ته ڀارت ۾ اقليتن ج?? خلاف قدمن ۽ قانونن کي منفي انداز ۾ تبديل ڪرڻ سان ج??ڪا صورتحال پيدا ٿيندي ان سان پاڪستان تي پڻ اثر پئجي سگهن ٿا. صدر اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ مقدس شخصيتن ج?? توهين ج?? خاتمي لاءِ ٺوس عالمي قدمن ۽ حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن ج?? جنرل اسيمبلي ۾ ان حوالي سان واضح پيغام ڏنو آهي ته ناموس رسالت صه جي معاملي تي ??و ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي، مسلمان پنهنجي پيغمبر صه سان تمام گهڻي محبت ۽ عقيدت رکن ٿا. جهڙي طرح اولهه ۾ هالو ڪاسٽ بابت قانونسازي ڪئي وئي آهي اهڙي طرح اسلام ۽ ٻين مذهبن ج?? مقدس شخصيتن ج?? عزت ۽ تڪريم جي معاملي کي اهميت ڏيڻ گهرجي.