اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن پهچ ۽ ور?? تي ڌيان نه ڏنو، انهي جي ڪري سڄي ملڪ ۾ اوچتو بجلي جو نظام متاثر ٿيو، اهڙي صورتحال ۾ به افواهه پکيڙيندڙ فيڪٽرين افواهون پکيڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان سان گڏ ملڪ ۾ بجلي جي بندش بابت گڏيل پريس ڪانفرنس کي ??طاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته بجلي جي پهچ ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي، ان دوران ڪيترين ئي افواهن جنم ورتو. هن چيو ته بجلي جو شعبو ملڪ ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ماضي جي حڪومت جنر??شن تي ڌيان ڏنو ۽ پهچ ۽ ور?? جي نظام تي ڌيان نه ڏنو ۽ نه ئي پهچ جي نظام ۾ نئين ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرايو ويو.